لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايت تي پنجاب ۾ سوشيو اڪنامڪ رجسٽري پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن کي خوشحالي سروي جو نالو ڏنو ويو آهي.
مريم نواز ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي وڊيو لنڪ تي هدايتون جاري ڪيون ۽ مانيٽرنگ جو ٽاسڪ ڏنو. عوام گهر ويٺي به پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهندو.
هيلپ لائين ۽ ويب سائيٽ ڏني وئي آهي. سروي تحت رجسٽرڊ شهري اي بائيڪ، روشن گهرانا سولر، همت ڪارڊ، هاري ڪارڊ، هيلٿ ڪارڊ، لائيو اسٽاڪ ڪارڊ ۽ اسڪالرشپ سميت ٻين پروگرامن ۾ اپلاءِ ڪرڻ جا اهل هوندا.
You might also like