يورپي ملڪ هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن اڳڪٿي ڪئي آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان عالمي طاقتن ۾ شامل هوندو.
هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن رومانيا ۾هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب به ڪيو، هن چيو ته عالمي نظام تبديلي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ عالمي نظام ۾ تبديلي جو عمل ايشيا کان شروع ٿيڻ وارو آهي.
سندس چوڻ هوته مستقبل ۾ عالمي طاقت اولهه کان اوڀر ۽ روس ڏانهن منتقل ٿي ويندي، ايندڙ ڪيئي ڏهاڪا شايد صدين ۾ ايشيا دنيا جو غالب مرڪز هوندو ۽ چين، ڀارت، پاڪستان ۽ انڊونيشيا دنيا جون وڏيون عالمي طاقتون هونديون.
هن چيو ته عالمي نظام جي تبديلي به پنج سئو ورهين تي ٻڌل رهي آهي، اولهه جي اميدن جي ابتڙ هاڻي هر ڪوئي روس جي حمايت ڪري رهيو آهي، چين، اتر ڪوريا سان گڏ هاڻ ايران ۽ ڀارت جا به روس سان سٺا لاڳاپا آهن، نيٽو جو رڪن هئڻ باوجود ترڪيه به روس سان گڏ آهي، مسلم دنيا به هاڻ روس کي دشمن بدران اتحادي سمجهي ٿي.
ياد رهي ته وڪٽر اوربن مسلسل 14 ورهين کان هنگري جو وزيراعظم آهي ۽ پنهنجي پارٽي جو سربراهه آهي.
You might also like