ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد ملڪي سياست ۾ عملي طور تي پير رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته ملڪ جا مسئلا وڌي ويا آهن، غريب فاڪاڪشي ۽ آپگهات تي مجبور آهن، انهن حالتن ۾ چپ رهڻ ڏکيو آهي، مجبور ٿي سياست ۾ فعال ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان کان اڳ به عشرت العباد چيو هو ته ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل سان ڳالهه ٻول ٿي آهي.
You might also like