طاهر انجم ۽ نيلي پري وارو واقعو ڊرامو نڪتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي ڪلچرل ونگ جي اڳواڻ طاهر انجم تي تشدد وارو معاملو هٿ ٺوڪيو ڊرامو نڪتو.
پوليس ذريعن موجب واقعي کان اڳ طاهر انجم ۽ انيلا رياص عرف نيلي پري وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ انيلا رياض طاهر انجم جي گهر به وئي هئي.
واقعي کانپوءِ انيلا رياض کي طاهر انجم جي گهران گرفتار ڪيو ويو، ٻنهي منصوبي جو اعتراف ڪري ورتو. طاهر انجم چيو ته انيلا معافي گهرڻ آئي هئي. پوليس طاهر انجم جو سي ڊي آر رڪارڊ به حاصل ڪيو. ان کان اڳ نيلي پري طاهر انجم کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.