صنعا ( ويب ڊيسڪ) يمن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 45 ڄڻا ٻڏي ويا.
گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر موجب واقعو تائز گورنريٽ جي سمنڊ ۾ گذريل رات پيش آيو.
حادثو تيز هوائن ۽ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي سوار ٿيڻ سبب پيش آيو. 4 ڄڻن کي ريسڪيو ويو جڏهن ته ٻيا هٿ نه اچي سگهيا، ڳولا جاري آهي.