فلمساز فرح خان ۽ ساجد خان جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور ڪوريو گرافر، هدايتڪارفرح خان ۽ ساجد خان جي امڙ ميناڪا ايراني 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميناڪا ايراني ڪجهه عرصي کان بيمار هئي، 26 جولاءِ تي ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
ميناڪا چائلڊ آرٽسٽ ڊيزي ايراني ۽ هني ايراني جي ڀيڻ هئي، هن 1963 جي بالي ووڊ فلم بچپن ۾ اداڪارا طور ڪم به ڪيو، جنهن بعد هن فلمساز ڪامران سان شادي ڪئي هئي.
ميناڪا ايراني رڳو ٻه هفتا اڳ پنهنجي 79 هين سالگرهه ملهائي هئي، ان موقعي تي ڌيءَ فرح خان ماءُ سان گڏ سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي هئي.
فرح خان جي ماءُ جي لاڏاڻي تي بالي ووڊ شخصيتن طرفان افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.