سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو گوگل سرچ انجڻ جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ٻيون ڪمپنيون اڃا تائين ان جي مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
پر هاڻ گوگل کي پنهنجي سڀ کان وڏي مخالف جو مقابلو ڪرڻو آهي.
سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي استعمال ٿيندڙ اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني پنهنجو اي آءِ سرچ انجڻ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سرچ جي پي ٽي نالي سرچ انجڻ جو سڌي ريت گوگل سان مقابلو آهي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرچ انجڻ کي فلحال محدود واهپيدارن ۽ پبلشرز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، اِها سهولت تمام جلد سموري دنيا جي واهپيدارن کي دستياب هوندي.
اوپن اي آءِ طرفان سرچ انجڻ کي ويجهي مستقبل ۾ چيٽ جي پي ٽي جو حصو بڻايو ويندو .
بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرچ جي پي ٽي فلحال پروٽوٽائيپ آهي جنهن کي ڪمپني جي اي آءِ ماڊلز سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن واهپيدار انٽرنيٽ تي سرچ ڪري سگهن.
سرچ انجڻ ڳالهه ٻولهه جهڙي انداز ۾ سرچز انڪوائري تي ردعمل ظاهر ڪندو ۽ تازه ترين تفصيلن سان گڏ لاڳاپيل سورسز جا لنڪس به فراهم ڪندو.
سرچ فيچر ذريعي اوپن اي آءِ سڌي ريت سرچ انجنز جهڙوڪ گوگل ۽ بنگ سان مقابلي جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته مائيڪرو سافٽ اوپن اي آءِ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سڀ کان وڏي ڪمپني آهي ۽ بنگ ان بنگ ان جي سرچ انجڻ آهي.
You might also like