لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد هرڀجن سنگهه کي منافق ۽ ڪِريل شخص قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀارت جو اڳوڻو آف اسپنر هرڀجن سنگهه چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ بابت زهر اوڳاڇڻ لڳو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڪرڪيٽر طرفان ڀارتي ٽيم جي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ۽ پاڪستان وڃڻ جي تصديق کان اڳ حڪومت کان منظوري وٺڻ واري بي سي سي آءِ جي فيصلي جي حمايت ڪئي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هرڀجن سنگهه چيو ته مون کي ڪو ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ڇو وڃي؟
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن، اتان جون حالتون خراب آهن، حادثا ۽ وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن.
هرڀجن سنگهه چيو ته مون کي نٿو لڳي ته پاڪستان وڃڻ ڀارتي ٽيم لاءِ محفوظ آهي ۽ بي سي سي آءِ جو موقف بلڪل درست آهي، اسان جي رانديگرن جي حفاظت کان وڌيڪ ڪا به شئي اهميت نٿي رکي، مان بورڊ جي موقف جي حمايت ڪيان ٿو.
هرڀجن سنگهه جي بيان کانپوءِ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر تنوير احمد کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ”تون ( هرڀجن سنگهه ) چوين ٿو ڀارت کي پاڪستان نه وڃڻ گهرجي ته پوءِ اسان جي رانديگرن سان ڇو ٿو ملين؟ “
هن چيو ته” اسان کي خبر آهي ته تنهنجي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪِريل انسان!“
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ اختيارين ان معاملي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط آهي.
ياد رهي ته پاڪستان جي ميزباني هيٺ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا ايندڙ سال فيبروري کان مارچ ملڪ جي ٽن وڏن شهرين ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ شيڊيول آهن.