لوڪل بالر کي اوور ۾ ٽن ڇڪن جو چئلينج، احمد شهزاد سان جٺ ٿي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر احمد شهزاد کي لوڪل بالر ٻه ڀيرا چئلينج ڏئي آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران بابر اعظم سميت قومي ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ اوپنر احمد شهزاد سوشل ميڊيا تي سخت ٽرولنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو ڪارڻ پاڪستان جو لوڪل بالر آهي.
وائرل وڊيو ۾ احمد شهزاد بالر کي هڪ اوور ۾ ٽي ڇڪا هڻڻ جڏهن ته بالر کيس ٻه ڀيرا آئوٽ ڪرڻ جو چئلينج ڏنو.
احمد شهزاد ته ٽي ڇڪا نه هڻي سگهيو پر بالر پنهنجو چئلينج پورو ڪندي کيس هڪ اوور ۾ ٻه ڀيرا آئوٽ ضرور ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ بابر اعظم جي مداحن کي مٿس ٺٺول ڪرڻ جو وارو ملي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.