پئرس اولمپڪس 2024ع جا مقابلا شروع ٿي ويا، ايونٽ جي افتتاحي تقريب 26 جولاءِ تي ٿيندي.
پئرس اولمپڪس جي فٽبال مقابلن ۾ ارجنٽيجا ۽ مراڪش وچ ۾ ميچ 2-2 گولن تان برابر رهي جڏهن ته اسپين اُزبڪستان کي 1-2 گولن تان مات ڏئي ڇڏي.
ايونٽ جي رگبي سيونز مقابلن ۾ آسٽريليا، ارجنٽينا، فجي، آئرلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪاميابي ماڻي.
26 جولاءِ تي اولمپڪس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايونٽ جي افتتاحي تقريب اسٽيڊيم جي ٻاهران منعقد ڪئي ويندي.
اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب پئرس جي مرڪزي علائقي سين درياهه ٿيندي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا وفد ٻيڙين تي سوار ٿي سين درياهه ۾ پريڊ ڪندا.
افتتاحي تقريب ۾ سين درياهه کان ايفل ٽاور جي باغن ۽ محلن تائين ڇهه ڪلوميٽر تي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ سئو ٻيڙيون، اٽڪل ڏهه هزار ايٿليٽس کي پئرس جا مشهور ماڳ ڏسڻ جو موقعو ملندو.
افتتاحي تقريب ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا جڏهن ته تقريب ۾ پئرس ۽ فرانس جي تاريخ ۽ ثقافت جي نمائش ٿيندي.
ٻئي پاسي پئرس اولمپڪس ۾ ٻين راندين سان گڏوگڏ تمشائين کي مرد ۽ عورتن جي وچ ۾ سئو ميٽر ڊوڙ جي نتيجن جو انتظار رهندو ته ڊوڙ مقابلي ۾ ڪير فاتح بڻجندو.
Prev Post
You might also like