شاهنواز ڏاهاڻي جي مداحن لاءِ بُري خبر

ڊارون ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شاهينز طرفان ڊارون ۾ فاسٽ بالر شاهنوار ڏاهاڻي چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
آسٽريليا جي شهر ڊراون جي دوري تي موجود شاهنواز ڏاهاڻي جي پاڪستاني واپسي تي ميڊيڪل پئنل سندس انجري جي نوعيت جو جائزو وٺندو.
شاهنواز ڏاهاڻي جي انجري بعد آل رائونڊر مبصر خان کي وائيٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فاسٽ بالر خرم شهزاد ٻن ون ڊي ميچن ۾ سليڪشن لاءِ دستياب هوندو.
واضح رهي ته پاڪستان شاهينز ۽ بنگلاديش اي وچ ۾ چئن ڏينهن واري ٻي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان شاهينز 148 رنسن تان ڪاميابي ماڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.