جسٽس اطهر من الله طرفان فيصلو لکڻ ۾ دير تي چيف جسٽس اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل ايڪسائز ايڪٽ 2005 بابت تڪرار واري ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نوٽ ۾ لکيو آهي ته سٺي پريڪٽس ۽ قانون جي گهرج آهي ته ٻڌڻي مڪمل ڪندي ترت فيصلو جاري ڪيو وڃي.
هن چيو ته 6 ڊسمبر 2023 تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو لکڻ لاءِ جسٽس اطهر من الله ڏانهن معاملو اُماڻيو ويو، پر فيصلو لکڻ ۾ ڇهه مهينا يعني 223 قيمتي ڏينهن لڳي ويا.
چيف جسٽس چيوته جسٽس اطهر من الله 18 جولاءِ تي معاملو مون ڏانهن موڪليو ۽ مون 19 جولاءِ تي ئي نوٽ لکي ڇڏيو، پاڪستان جي چيف جسٽس طور منهنجو پنهنجي ساٿي ججن کي ڪيسن جا جلد فيصلا ڪرڻ جي يادگيرو نه ڏيارڻ پنهنجي ذميواري جي ادائيگن ۾ غلفت جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.