بابر اعظم کي ڪهڙو بالر ڏکيو لڳو؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي پسنديدا راند بابت ٻڌائي ڇڏيو.
يوٽيوب چئنل تي ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بابر اعظم چيو ته ته کيس اسنوڪر کيڏڻ گهڻو پسند آهي، واندڪائي ۾ سائيڪلنگ به ڪندو آهي.
بابر اعظم چيوته سندس پسنديدا شخصيت بابت گلوڪار عاطف اسلم آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽرن اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز آسٽريليا جو موجودا ڪپتان پيٽ ڪمنز پسند آهن.
انٽرويو دوران پنهنجي ڪرڪيٽ جي تجربي بابت ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته جڏهن به موقعو ملندو آهي ويرات ڪوهلي، ڪين وليمسن ۽ جو روٽ سان پنهنجي بيٽنگ ٽيڪنيڪ بابت مشاورت ڪندو آهيان.
جڏهن کائنس پڇيو ويو ته سندس نظر ۾ هنيئر تائين سڀ کان ڏکيو بالر ڪير آهي ته بابر اعظم پيٽ ڪمنز جو نالو ورتو، ڊي ويليئرز به بابر اعظم جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو ته ڪمنز انهن سڀني مان ڏکيو بالر آهي جنهن خلاف هو پنهنجي ڪيريئر دوران کيڏيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته مستقبل جي ڳڻتي ناهيان ڪندو، اِهو ناهيان سوچيندو ڇا ڪري رهيو آهيان، مان رڳو اِهو سوچيندو آهيان ته مان کيڏي رهيو آهيان ۽ پنهنجي گيم کي انجواءِ ڪندو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته حقيقت ۾ ڪرڪيٽ ئي منهنجو جنون آهي ۽ مون کي رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ کي سٺو لڳندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.