اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ واٽس ايپ جي متاثر ٿيل سروس بحال نه ٿي سگهي، واهپيدارن ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
مختلف شهرن ۾ سماجي رابطن واري اپليڪيشن واٽس ايپ ۽ فيسبڪ جي سروس متاثر آهي، موبائيل انٽرنيٽ ذريعي واٽس ايپ تي تصويرون، وڊيوز ۽ آڊيوز ڊائون لوڊ نه پيا ٿين، پر واءِ فاءِ ذريعي اها سهولت دستياب آهي.
سروس متاثر ٿيڻ سان واهپيدار پيغام ڏيڻ ۽ هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان مختلف قسم جون افواهون هلندڙ آهن، ڪيترن ئي واهپيدارن حڪومت طرفان انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ واري ڪمپنين تي نيڪسٽ جنريشن فائر وال لڳائڻ جو سبب قرار ڏنو آهي.
ٻئي پاسي پي ٽي اي انهي مامري تي ڪوبه موقف ناهي ڏنو، ترجمان پي ٽي اي ڪال ۽ ميسيجز ڪرڻ باوجود ڪو به جواب ناهي ڏنو.
Pakistan Facebook Whatsapp
You might also like