جو بائيڊن کي صدارتي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ جي مهم تيز

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چونڊ مهم ٻيهر هلائڻ جي منصوبابندي ڪري ڇڏي جڏهن ته کيس صدارتي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ جي مهم به تيز ٿي وئي.
آمريڪي ڪانگريس جي پنجن ميمبرن ۽ هڪ وڌيڪ سينيٽر بائيڊن کي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ کان ٻاهر نڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
بائيڊن جي مخالفت ڪندڙ ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس جو تعداد 28 تائين پهچي ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته صدر جو بائيڊن پنهنجي ڊيموڪريٽ پارٽي تي ڪنٽرول وڃائي ويٺو آهي.
آمريڪي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر بائيڊن ۽ سندس ڊيموڪريٽ پارٽي وچ ٽڪراءُ هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تي ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويندو ۽ ايندڙ هفتي پنهنجي انجام تي پهچندو.
ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نائب صدر ڪمالا هيرس اڄ اهم ڊيموڪريٽڪ ڊونرز سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.