اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جو هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.
سرڪاري ڊسڪوز جي واهپيدارن لاءِ پهريان ئي مهانگي بجلي کي وڌيڪ مهانگو ڪيو پيو وڃي، جنهن ذريعي هڪ مهيني لاءِ في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا 10 پئسا واڌ جو امڪان آهي، ان حوالي سان سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
سي پي پي اي طرفان اگهن ۾ واڌ ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهرائي وئي آهي، ايف سي اي جي درخواست تي نيپرا 31 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندي.
درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
Pakistan Nepra Govt
You might also like