رڌيما پنڊت ۽ شُڀمَن گِل هلندڙ سال شادي ڪندا؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڊراما انڊسٽريءَ جي مشهور ادڪارا ۽ ميزبان رڌيما پنڊت هڪ ڀيرو وري ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل سان شادي جي خبرن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پنهنجي تازي انٽرويوءَ دوران رڌيما پنڊت کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ ۽ شُڀمَن گِل هلندڙ سال شادي ڪرڻ وارا آهن ؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته اِهي ڪوڙيون خبرون آهن، جنهن ڪا به سچائي ناهي.
رڌيما چيو ته هوءَ شَڀمَن گِل کي نه سڃاڻي ٿي ۽ نه ئي کيس ڊيٽ ڪري رهي آهي، اسان جي وچ ۾ ڪڏهن به رابطو ناهي ٿيو، انڪري بي بنياد خبرون پکيڙڻ ۽ انهن تي يقين ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
اداڪارا چيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته شُڀمَن گِل هڪ شاندار ڪرڪير آهي پر هوءَ ذاتي طور کيس نه ٿي سڃاڻي.
هن اِهو به چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪڏهن شُڀمَن گِل سان ملاقات ٿي ته اسان ٻئي پنهنجي شادي ۽ ڊيٽنگ وارين ڪوڙين خبرن تي کِلنداسين.
رڌيڪا پنڊت وڌيڪ چيو ته سندس خيال آهي شُڀمَن گِل تمام گهڻو ڪيوٽ آهي ۽ اِهو رڳو منهنجو خيال آهي باقي مان ساڻس ڪڏهن ناهيان ملي.
ياد رهي ته گذريل مهيني به رڌيما پنڊت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته کيس مبارڪباد جا پيغام اچي رهيا آهن، هوءَ ڪرڪيٽر سان شادي جي افواهن جي ترديد ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.