جهانوي ڪپور جي طبعيت بگڙجي وئي، اسپتال داخل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور فوڊ پوائزنگ جو شڪار ٿي وئي جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اداڪارا جي پيءُ هدايتڪار بوني ڪپور جهانوي ڪپور کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، چنائي مان ممبئي واپسي کانپوءِ اداڪارا جي پيٽ ۾ انفيڪشن ٿي ويو هو، طبعيت ناساز هئڻ تي هن پنهنجا رٿيل پروجيڪٽ ملتوي ڪري ڇڏيا هئا ۽ گهر ۾ آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
جهانوي ڪپور جي طبعيت خميس واري ڏينهن وڌيڪ بگڙجي وئي جنهن تي کيس ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي .
بوني ڪپور موجب، جهانوي جي طبعيت ۾ هاڻ سڌارو اچي رهيو آهي ۽ کيس مڪمل صحتياب ٿيڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.