صنم جاويد جي گرفتاري غيرقانوني قرار، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏيندي سندس آزادي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته صنم جاويد هاڻ آزاد آهي ۽ پنهنجي صوبي ۾ وڃي سگهي ٿي.
ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته انٽرنيٽ تي ڏٺو ته صنم جاويد انتهائي ڪِريل ٻولي استعمال ڪري ٿي، جج درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ضمانت ڏيو ٿا ته صنم جاويد وڌيڪ اڻوڻندڙ گفتگو نه ڪندي؟
عدالت اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ صنم جاويد جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي سندس آزادي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.
پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي وڪيل ايڊووڪيٽ ميان اشفاق علي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اٽارني جنرل سان ملاقات ٿي آهي، هن خاطري ڪرائي آهي ته صنم جاويد کي سموري ملڪ ۾ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو ويندو، اٽارني جنرل اِهو به چيو ته بلوچستان ۾ داخل ايف آءِ آر واپس ورتي ويندي.
ميان اشفاق علي چيو ته اٽارني جنرل اسلام آبا هاءِ ڪورٽ ۾ به بيان ڏنو ته هاڻ گرفتاري نه ٿيندي، صنم جاويد تي اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ داخل ڪيس ٻن ڏينهن ۾ واپس ورتا ويندا.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صنم جاويد کي ضمانت تي آزاد ڪندي اسلام آباد ئي رهڻ ڪنهن به قسم جو بيان نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

IHC Sanamjaved PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.