پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ايڊهاڪ ججن جي مقرري کي رد ڪندي ان کي هاءِ ڪورٽ ججن جي حق تي راتاهو قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ رٽائرڊ ججن جي ايڊهاڪ جج طور مقرري واري معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ بار ردعمل ڏيندي چيو ته ايڊهاڪ ججن مقرري رد ڪيون ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري هاءِ ڪورٽ ججن جي حق تي راتاهو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري عالم خان ادينزئي ايڊووڪيٽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 182 تحت ايڊهاڪ ججز ان وقت مقرر ٿي سگهن ٿا جڏهن تمام گهڻي ضرورت هجي، هن اهڙي ڪا به ضرورت ناهي جو رٽائرڊ ججن کي ٻيهر مقرر ڪيو وڃي.
هن چيو ته چيف جسٽس پاڪستان آئين ۽ قانون موجب هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن يا سينيئر وڪيلن کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪري، عدالتي بحران ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.