سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عدالتن جو احترام ڪريان ٿو پر عدالتن کي به گهرجي ته هو پنهنجو احترام ڪرائين ۽ سياستدانن کي ايترو ڪمزور نه سمجهيو وڃي.
سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ۽ آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ پارليامينٽ ۾ اتحادين سان مشاورت ڪنداسين.
هن چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي جڏهن به ٿي سياستدانن خلاف ٿي، هڪ ادارو 26 لک ڪيسز جو فيصلو نٿو ڪري ته ڇا اهو توهين نٿو ڪري؟
خواجا آصف جو چوڻ هو ته 2018 جا اليڪشن نتيجا ڪنهن کي نظر نه آيا، ان وقت عدليه ڇو نوٽيس نه ورتو؟ اسان جو عدالتي نظام 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي تحفظ ڏئي رهيو آهي، آئين کان مٿانهان فيصلا ڏيڻ تي ڪنهن هڪ جج تي توهين عدالت لڳي آهي؟ انهن ججن کي قبرن مان ڪڍو ۽ انهن جو ٽرائل ڪريو، آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ڪنهن اداري جي عزت وڌيڪ آهي ۽ ڪنهن جي گهٽ آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته ڪو ڏينهن اهڙو ناهي جڏهن شهادتون نه ٿينديون هجن، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي خيبرپختونخوا ۾ ٿي رهي آهي پر اتان جي حڪومت چئي رهي آهي ته هو آپريشن ۾ حصو نه وٺندي.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن تي هو چون ٿا ته آرمي چيف سان ڳالهيون ڪنداسين، پي ٽي آءِ باني زرداري صاحب لاءِ ڇا چوي ٿو؟ هاڻي ان جي اشارن تي هلڻ لڳي پيو آهي.
You might also like