بنو ڇانوڻي ۽ ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جا حملا، 10 فوجي جوانن سميت پنج شهري شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بنو ۽ ڊي آءِ خان ۾ دهشتگرد حملن ۾ ڏهه فوجي جوانن سميت پنج شهري شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ ٻه ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻه ٻارڙا به شامل آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 15 جولاءِ جي صبح 10 دهشتگردن بنون ڇانوڻي تي حملو ڪيو، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڇانوني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن تي دهشتگردن دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ڇانوڻي جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن طرفان آپگهاتي ڌماڪي ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 8 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن سان مقابلو ڪيو ۽ فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڀت جو هڪ حصو ڪِري پيو ۽ عمارت کي به نقصان پهتو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي شهيد جوانن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظلِ حسين، حوالدار شهزاد احمد، سپاهي اشفاق حسين، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان اسلم ۽ ايف سي جو لانس نائيڪ سبز علي شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جو تعلق آزاد ڪشمير جي ضلعي پونڇ، خوشاب، نيلم، مظفرآباد، ڪرڪ، بهاولپور ۽ لڪي مروت سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردي جي اها ڪِريل ڪارروائي حافظ گل بهادر گروپ ڪئي آهي، جيڪا افغانستان مان ڪم ڪري ٿو، هي گروپ ماضيءَ ۾ به پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندو رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت اهڙن عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري، افغانستان مان ايندڙ انهن خطرن خلاف مناسب سمجهيا ويندڙ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا جڏهن ته هٿياربند فوج دهشتگردي جي لعنت خلاف وطن ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪندي رهندي.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردي جي ٻيو واقعو ڊي آءِ خان ۾ پيش آيو جتي ڪڙي شاموزئي رورل هيلٿ سينٽر تي 15 ۽ 16 جولاءِ جي وچ واري رات دهشتگردن حملو ڪيو.
آءِ ايس پي آءِ جو چوڻ آهي ته دهشتگردن رورل هيلٿ سينٽر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، فائرنگ سبب پنج معصوم شهري شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ ٻه ليڊر هيلٿ ورڪرز، ٻه ٻارڙا ۽ هڪ چوڪيدار شامل آهي.
آءِ يس پي آر موجب، ڪليئرنس آپريشن لاءِ ڀرپاسي ۾ موجود سيڪيورٽي فورسز کي فور طور تي متحرڪ ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن ۾ نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال شامل آهن، 44 ورهين جي نائب صوبيدار محمد فاروق شهيد جو تعلق نارروال ضلعي سان هو جڏهن ته 23 ورهين جو محمد جاويد اقبال خانيوال جو رهواسي هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪِريل ڏوهه ۾ ملوث دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ISPR securityforces Bannuattack PakArmy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.