مسقط ۾ مسجد تي فائرنگ، 4 پاڪستاني شهيد، 28 ڄڻا زخمي

مسقط( ويب ڊيسڪ) عمان جي راڄڌاني مسقط ۾ مسجد تي فائرنگ سبب 4 پاڪستاني شهيد ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ترجمان موجب عماني عملدارن دهشتگردي جي واقعي ۾ 4 پاڪستانين جي شهادت جو اطلاع ڏنو آهي.
ترجمان موجب دهشتگردي جو واقعو مسقط ۾ علي بن ابي طالب مسجد ۾ ٿيو. مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ زخمي پاڪستاني علاج هيٺ آهن. عمان پوليس موجب فائرنگ مسقط جي ڪبير ماٿري ۾ واقع مسجد علي ابن ابي طالب ۾ گذريل رات ڪئي وئي هئي.
پاڪستاني سفير عمران علي موجب 30 زخمي عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ پاڪستاني زخمين جي عيادت ڪئي آهي.
پاڪستاني سفير جو چوڻ آهي ته عماني عملدار ۽ اسپتال انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستاني سفارت خاني ۾ زخمين ۽ سندن گهرڀاتين جي رهنمائي لاءِ هاٽ لائين به ڏني وئي آهي.
ٻئي پاسي عماني سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته ڪبير ماٿري جي مسجد ۾ حملو ڪندڙ ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو، فائرنگ واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.