مرحوم نعت خوان جنيد جمشيد جي لاڏاڻي کان اڳ واٽس ايپ تي موڪيل آخري وائس نوٽ بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ويجهڙ جنيد جمشيد جي پٽ بابر جنيد هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ مرحوم امجد صابري جي پٽ مجدد صابري به مهمان طور شرڪت ڪئي.
انٽرويو دوران ميزبان جنيد جميشد جي آخري آڊيو نوٽس بابت ٻڌايو جڏهن ته بابر جنيد والد جي آخري خواهش جو ذڪر ڪيو.
ڳالهه ٻولهه دوران ميزبان کائنس اجازت طلب ڪندي جنيد جمشيد جي آخري وائس نوٽ جو ذڪر ڪيو جيڪو سندس ساٿي کيس ٻڌايو هو.
ميزبان سوال ڪيو ته جنيد جشميد جي عادت هئي ته هو هر ڳالهه تي انشاءَ الله، ماشاءَ الله چوندو هو پر سندس آخري پيغام ۾ هو الله جي مرضي سان انشاءَ الله چوڻ وساري ويٺو، هن بس ايترو چيو ته مان ڪراچي ايندس.
ميزبان موجب، ائين ڪڏهن نه ٿيو هو پر ان ۾ به الله جي مرضي شامل هئي.
اِهو ڄاڻي بابر سواليا انداز ۾ تصديق ڪندي چيوته اوهان اِهو وائس نوٽ ٻڌو آهي؟
You might also like