ڪراچي وري گرميءَ جي گهيري ۾، پارو ڪٿي پهتو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي هڪ ڀيرو وري گهر ۽ گهميل موسم جي گهيري ۾ اچي ويو آهي، جتي گرمي جي شدت 43 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.
موسمياتي تجزيي نگار جواد ميمڻ موجب، اڄ کان چوماسي جون هوائون ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي .
موسمياتي تجزيي نگار موجب، 16 جولاءِ کان عربي سمنڊ وٽان چوماسي برساتن جو نئون سسٽم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿيندو، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 21 جولاءِ دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيي نگار موجب، بلوچستان جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ 17 کان 19 جولاءِ، ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول، حيدرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ به 18 ۽ 19 جولاءِ دوران برسات جو امڪان آهي.
ڪراچي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪندي جواد ميمڻ چيو ته اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۾ پارو 38 يا 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي ۽ گرميءَ جي شدت 43 ڊگري يا ان کان وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته ڪراچي جي اتر، اتر اوڀر، اتر اولهه وارن علائقن ۾ اڄ کان 18 جولاءِ دوران گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، عربي سمنڊ کان ايندڙ گهميل هوائن سبب منجهند کانپوءِ ڪڪر ٺهي سگهن ٿا جڏهن ته 18 جولاءِ تائين گڏاپ، سپر هاءِ وي جي ڀرپاسي وارن علائقن، ملير، سرجاني ۽ گلشن معمار ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.