قمبر ويجهو پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل

قمبر ( ويب ڊيسڪ ) قمبر ويجهو پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، غيبي ديرو ٿاڻي جي حد لاکاني جبل واري علائقي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان بلاڻي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام عمر، علي خان چانڊيو ۽ واٽهڙو عبدالرحيم گائنچو قتل ٿي ويا.
ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.