اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي قاتلاڻو حملو، حملي آور سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جو اڳوڻو صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ ريلي ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿي پيو ۽ حملو ڪندڙ مارجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست پنسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ ريلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب لاءِ اسٽيج تي موجود هو جنهن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو.
ڊونلڊ ٽرمپ تقرير دوران گوليون هلڻ دوران هيٺ جهڪي ويو ۽ ريلي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٿوري دير بعد ٽرمپ اُٿي بيٺو ۽ مڪو ڏيکاريو، ان وقت اڳوڻي صدر جي ساڄي ڪن تي رت جا نشان نظر اچي رهيا هئا، فوري طور سيڪريٽ سروس جي اهلڪارن، ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي پهري ۾ روانو ڪيو، واقعي بعد ريلي ختم ڪئي وئي.
ڪائونٽي پراسيڪيوٽر موجب، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گولي لڳي هئي.
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ريلي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ معمولي زخمي ٿيو آهي، سندس ڪن تي رت جا نشان ڏٺا ويا، ٽرمپ تي حملو ڪندڙ مارجي ويو آهي ۽ ريلي ۾ جنهن رائفل سان فائرنگ ڪئي وئي اها به هٿ ڪئي وئي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، حملو ڪندڙ ماهر نشاني باز هو، جنهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.
فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي به ٿي پيا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ ٺيڪ آهي ۽ مقامي اسپتال ۾ علاج ڪيو ويو، جنهن بعد آمريڪا جي اڳوڻي صدر کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو .
آمريڪي سيڪريٽ سروس جو چوڻ آهي ته ريلي ۾ فائرنگ جي واقعي بعد ڊونلڊ ٽرمپ محفوظ آهي ۽ سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ئي ڪا معلومات حاصل ٿيندي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
واقعي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان
فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهي.
سندس چوڻ هو ته کيس هڪ گولي هنئي وئي جيڪا ساڄي ڪن جي مٿئين حصي ۾ لڳي، گھڻو رت وهڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪجهه ٿيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته کيس يقين ئي ناهي ته اهڙو عمل سندن ملڪ ۾ ٿي سگهي ٿو، هن وقت تائين فائرنگ ڪندڙ بابت ڪجهه به پتو نه پئجي سگهيو آهي.
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سيڪريٽ سروس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هن ڪِريل عمل دوران فور طور حفاظتي قدم کنيا.
جو بائيڊن جي ٽرمپ تي فائرنگ جي مذمت
آمريڪي صدر جو بائيڊن اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ٽرمپ حملي ۾ محفوظ رهيو اِهو ڄاڻي خوشي ٿي، اهڙي قسم جي تشدد جي ڪائي گنجائش ناهي.
جو بائيڊن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ٺيڪ آهي،سيڪرٽ سروس فوري ڪارروائي ڪري ٽرمپ کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فوري ايڪشن تي سندن ٿورائتو آهيان، جلد ٽرمپ سان رابطو ڪندس.

صدر ۽ وزيراعظم پاران ٽرمپ تي حملي جي مذمت
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جو ٻڌي صدمو پهتو، سياست ۾ تشدد جي ڪابه جاءِ ناهي.
صدر آصف علي زرداري، ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
پي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي، هن ڏکي وقت ۾ همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن.
وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي آمريڪي صدر جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي جڏهن ته حملي ۾ زخمي ٿيل ٻين ماڻهن جي به جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

AttackonDonaldTrump USpresidents USA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.