پاڪستان ڪرڪيٽ جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ مان آئوٽ ٿيڻ بعد آئي ڏينهن ڪا نه ڪا نئين خبر ليڪ ٿيندي رهندي آهي ڪڏهن پي سي بي چيئرمين ٽيم۾ سرجري جو بيان ڏيندو آهي ته ڪڏهن هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن رانديگرن ۾ جاري اختلاف تان پردو کڻندو آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران پهرئين مرحلي ۾ پاڪستان ٽيم جي ٻاهر ٿيڻ بعد هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن پي سي بي چيئرمين وٽ جيڪا رپورٽ جمع ڪرائي هئي ان جي روشني ۾ وهاب رياض ۽ عبدالرزاق گهر ڀيڙا ٿي چڪا آهن.
خبرون اِهي به آهن ته ورلڊ ڪپ دوران شاهين آفريدي ڪوچز سان اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو هو جنن خلاف به بورڊ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پر هاڻ خبرون اچي رهيون آهن ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن شاهين آفريدي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان ۾ جاري مبينا اختلاف ختم ڪرڻ ۽ ويڇا گهٽائڻ لاءِ اڳوڻا ڪپتان سرگرم ٿي ويا آهن.
وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو هي وڊيو رپورٽ