لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي دي هنڊريڊ ليگ لاءِ اين او سي جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نسيم شاهه جو دي هنڊريڊ ۾ برمنگهم فونڪس سان معاهدو ٿيل آهي ان سلسلي ۾ نسيم پي سي بي کي اين او سي لاءِ درخواست ڏني هئي، جڏهن ته بورڊ فاسٽ بالر کي ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت اين او سي جاري ناهي ڪئي.
ذريعن موجب، نسيم شاهه گذريل سال فٽنس مسئلن جو شڪار رهيو ۽ هاڻ جيئن ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون اهم ميچون آهن ۽ هو ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽر آهي انڪري کيس انجريز کان محفوظ رکڻ لاءِ احتياطي اپاءَ طور اين او سي جي درخواست رد ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪرڪيٽر کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نسيم شاهه دي هنڊريڊ ليگ ۾ هڪ لک 25 هزار پائونڊز جي مهانگي ترين ڪيٽيگري ۾ شامل هو ۽ ان حساب سان سندس معاوضو پاڪستاني رپين ۾ اٽڪل چار ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو.
NaseemShah PCB WTC2024