ملڪ ۾ سون بعد ڊالر به مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار دوران ڊالر اگهه 10 پئسا واڌ مهانگو ٿيڻ بعد 278 رپيا 61 پئسن تي بند ٿيو.
گذريل ڏينهن انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 278 رپيا 51 پئسا هئي.
ٻئي پاسي سون جي قيمتن ۾ واڌ جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻارنهن سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 46 هزار 8 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون جي قيمت 1029 رپيا واڌ بعد 2 لک 11 هزار 591 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ڏهه ڊالر واڌ بعد 2 هزار 382 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.