سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي اڄ کان 16 جولاءِ دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد سميت اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ هڪ نئون سسٽم عربي سمنڊ مان ملڪ ۾ داخل ٿيندو جيڪو برساتن جو سبب بڻبو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 11 کان 15 جولاءِ دوران خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جڏهن ته 12 کان 14 جولاءِ دوران بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾چوماسي جي وسڪاري جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ 12 ۽ 13 جولاءِ تي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ آنڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.