5 اهم وزارتون ۽ کاتا ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف 5 اهم وزارتون ۽ کاتا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب وزير اعظم طرفان قائم ڪيل اسٽيٽيوشنل رفارمز سيل رائٽ سائزنگ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،پنج وفاقي وزارتن کان هڪ هفتي ۾ سفارشون گهريون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جن وزارتن مان سفارشون گهرايون ويون آهن،انهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير افيئرز،سيفران، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت،هيلٿ سروسز شامل آهن.
وزير اعظم شهباز شريف صوبن کي ڏني ويندڙ وزارتن جي ڪردار ٻڌائڻ جي هدايت ڪندي ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي جي ميمبر بلال اظهر ڪياني تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

Pakistan ShahbazSharif Ministries

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.