ڪين وليمسن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ويهه ڪرڪيٽرز کي سالياني سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪري ڇڏي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، جن ڪرڪيٽرز کي سالياني ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي وئي آهي تن ۾ راچن رويندرا، بين سئيرز، ول اورورڪي ۽ جيڪب ڊفي کي پهريون ڀيرو سينٽرل ڪانٽريڪٽ آفر ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته اعجاز پٽيل کي ٻيهر ڪانٽريڪٽ آفر ڪيو ويو هو گذريل ڪانٽريٽ جو حصو نه هو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، جن ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ آفر ڪيو ويو آهي اِهي هر صورت ۾ قومي ٽيم ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سپر سميش لاءِ دستياب هوندا.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن، لوڪي فرگوسن ۽ ايڊم ملني ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.