ايف بي آر ڪسٽم ۽ ان لينڊ روينيو سروس آفيسرن جي ٻٽي شهريت جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر ڪسٽم ۽ ايف بي آر ان لينڊ روينيو سروس جي آفيسرن جي ٻٽي شهريت جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر مان سڄي ملڪ جي فيلڊ فارميشنز کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ٻٽي شهريت وارن ڪسٽم ۽ ان لينڊ روينيو سروس جي گريڊ هڪ کان 21 جي ملازمن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ ملازمن جا تفصيل 15 جولاءِ تائين فراهم ڪيا وڃن.
خط موجب ڪسٽم ۽ ايف بي آر ملازم ۽ سندن گهروارين جي پرڏيهي شهريت جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.
ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر مان سڄي ملڪ جي فيلڊ فارميشنز کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

fbr islamabad awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.