افغان شهرين جي پاڪستان اچ وڃ، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت افغان شهرين جي پاڪستان آمد ۽ روانگي بابت نئون طريقي ڪار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب افغان پناهگيرن جا پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊ ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ (اي سي سي) طورخم بارڊر تي ايف آءِ اي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رضاڪاراڻي طور تي افغانستان واپسي تي وي آر ايف فارم ملندو ۽ ان فارم تي افغانستان ۾ گرانٽ ملندي.
ذريعن موجب يو اين ايڇ سي آر بنا افغانستان واپس ويندڙن جا ڪارڊ پنچ ڪري ايف آءِ اي پنهنجي تحويل ۾ رکندي، ايف آءِ اي جي تحويل ۾ ورتل ڪارڊ نادرا مستقل بلاڪ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارڊ هڪ ڀيرو پنچ ٿيندو يا ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آيو ته واپس نه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب نئين طريقي ڪار جو مقصد افغان شهرين جي مانيٽرنگ کي اثرائتو بڻائڻ آهي.

pakistan pmln mohsinnaqvi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.