بلاول ڀٽو جا 300 يونٽ مفت بجلي ۽ هاري ڪارڊ ڪيڏانهن ويا؟: مزمل اسلم

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم چييو آهي ته بلاول ڀٽو جا 300 يونٽ مفت بجلي، هاري ۽ مزدور ڪارڊ ڪيڏانهن ويا؟
بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي مزمل اسلم چيو ته بلاول ڀتو جي غير سنجيده بيانن جي ڪري پيپلزپارٽي اندرونِ سنڌ تائين محدود ٿي وئي.
هن چيو ته بلاول اليڪشن کان اڳ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن چيو ته پشاور ۾ پريس ڪانفرنس کان اڳ بلاول ڀٽو پنهنجو مينڊيٽ ڪي پي ۾ چيڪ ڪري، پيپلزپارٽي جو مينڊيٽ ڪي پي ۾ مخصوص سيٽن جي برابر به ناهي.
سندس چوڻ هو ته بلاول دهشتگردن جي مدد بابت بيانن کان اڳ ڪي پي جي بجيٽ چيڪ ڪري، ڪي پي جي بجيٽ صحت ڪارڊ، ڪڻڪ ۽ ضم ضلعن جي ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿئي ٿي.
خيبرپختونخوا ڪچي جي ڌاڙيلن کان پاڪ آهي، ڪي پي تاريخي سرپلس بجيٽ پيش ڪئي، بلاول ڀٽو سنڌ جو به ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.