اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) وچ ۾ نئين پروگرام تي جاري ورچوئل ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عالمي اداري ايندڙ پروگرام لاءِ گرين سگنل ڏنو ۽ ايندڙ ٻن هفتن اندر اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان جاري ورچوئل اجلاس ۾ نئين پروگرام جي حوالي سان اٽڪل سمورن هدفن ۽ شرطن تي اتفاق ٿي چڪو آهي.
ذريعن موجب، ٽن ڏينهن کان جاري ڳالهين دوران پروگرام جي قسط، دورانيي ۽ معاهدي جي ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف ڏهه جولاءِ کان اڳ ڪجهه هدف ۽ شرط پورا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو ۽ پاڪستان اِهي سمورا هدف حاصل ڪري ورتا آهن.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت طرفان ايم آءِ ايف شرطن تحت کنيل قدمن ۾ بجيٽ سان گڏوگڏ گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ پڻ شامل آهي.
You might also like