پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪرز لاءِ بُري خبر

وڊيو شيئرنگ ايپ ٽِڪ ٽاڪ 2024 جي پهرين ٽه ماهي دوران پاڪستاني واهپيدارن جون ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز پليٽ فارم تان ڊليٽ ڪري ڇڏيون.
اِها تفصيل ڪمپني طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايا ويا آهن.
واضح رهي ته ٽِڪ ٽاڪ تي روزانو ڪروڙين وڊيوز اَپ لوڊ ٿينديون آهن جنهن جي مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي اصولن تحت ٿيندي آهي.
رپورٽ موجب، ڪميونٽي گائيڊ لائنز سان گڏوگڏ ڪمپني اسپام اڪائونٽس ۽ لاڳاپيل مواد کي به هدف بڻايو ۽ پاڻمرادو طريقيڪار تحت اسپام اڪائونٽس کي روڪڻ لاءِ احتياطي قدم کنيا.
ڪمپني طرفان مواد جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي ۽ انساني جائزي جو مجموعو استمال ڪيو ويندو آهي، ته جيئن ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙٽي تي ٻڌل مواد جي نشاندهي ۽ ڪارروائي ڪري سگهجي.

Tiktok Socialmedia pakistaniTiktokers

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.