ڪزن ميريجز جي نتيجي ۾ ٻارن ۾ موروثي بيماريون ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (پ ر) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي پروفيشنل ڊيولپمينٽ سينٽر جي اهتمام هيٺ ”انٽروڊڪشن ٽو ميڊيڪل جينيٽڪس“ جي عنوان سان سيمينار ٿيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ٻارن ۾ ٿيندڙ 50 سيڪڙو موروثي بيمارين ۾ 90 سيڪڙو ڪزن ميريجز جو نتيجو آهن.
سيمينار جي صدارت پيڊياٽرڪس جي ڪورس ڊائريڪٽر پروفيسر عمارا جمال ۽ ڪورس ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امبر ڪامران پيڊز ڪارڊيالاجسٽ ڪئي.
سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مصباح حنيف چيو ته ڪزن ميريجز جي نتيجي ۾ ٻارن جي جين ۾ اهڙيون تبديليون اينديون آهن، جن سان موروثي بيمارين جي شدت پيدا ٿي ويندي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪزن ميريجز جي شرح تمام گهڻي آهي، هڪ اندازي موجب ٻارن ۾ ٿيندڙ 50 سيڪڙو موروثي بيمارين ۾ 90 سيڪڙو ڪزن ميريجز جو نتيجو آهن، پاڪستان ۾ ڪزن ميريجز جي وڌندڙ شرح کي روڪڻ لاءِ اسان کي ڪائونسلنگ ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته وائس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي جي هدايت تي ڊائو يونيورسٽي ۾ پيڊياٽرڪ جينيٽڪ ڪلينڪ قائم ڪئي پئي وڃي ته جيئن مريضن کي ان حوالي سان مفت ڪائونسلنگ ڏني وڃي، ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج ۾ ان حوالي سان هڪ ليبارٽري قائم ڪئي وئي آهي، هاڻ اسان کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جينياتي بيمارين تي ڌيان ڏئي سگهون.
هن هڪ جينيٽڪ ڪلينڪ جا انگ اکر پيش ڪيا، جن موجب 138 مريضن کي ڪائونسلنگ ڏني وئي هئي، جن ۾ 50 سيڪڙو مريضن جي فيملي هسٽري هئي ۽ انهن مان 90 سيڪڙو ڪزن ميريجز جو نتيجو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.