تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين جو پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽرول ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم پيٽروليم ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ملاقات دوران پيٽروليم، گئس جي ڳولا ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ پنج ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اوهان واحد وزيراعظم آهيو جيڪو سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
پيٽرول ۽ گئس ڳوليندڙ شعبي اي اينڊ پي سيڪٽر پاران وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گيس ذخيرن جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي، پاڪستان تيل ۽ گئس گهرائڻ تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته تيل ۽ گئس جي مقامي ذخيرن سان مٽا سٽا وارو ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهن لاءِ پيٽرول ۽ گئس سستي ٿيندي.
ان کانسواءِ وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي شعبي ۾ سمورا مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Petroleum  investment  Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.