ورلڊ چيمپيئن ڀارت جي وک وک تي آجيان، ممبئيءَ ۾ عوامي سمنڊ اُٿلي پيو

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي وطن واپسي پهچڻ تي وک وک تي تاريخي آجيان، ممبئيءَ ۾ عوامي سمنڊ اُٿلي پيو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جي فاتح ڀارتي ٽيم پنجن ڏينهن جي ڊگهي انتظار بعد نيٺ وطن واپس پهچي وئي.
ورلڊ چيمپيئن ڀارتي ٽيم جي خاص اُڏام اڄ صبح ملڪ جي راڄڌاني نئين دھلي ھوائي اڏي تي لينڊ ڪيو .
ايئر انڊيا جي خصوصي چارٽرڊ فلائيٽ اَي آءِ سِي 24 ڊبليو اِي يعني ايئر انڊيا چيمپيئنز 24 ذريعي ورلڊ ڪپ فاتح ڀارتي اسڪواڊ، ٽيم جي عملي، رانديگرن جي فيمليز، بورڊ عهديدارن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي باربيڊوس کان واپس ڀارت پهچايو.
نئين دهلي ۾ ڀارتي ٽيم وزيراعظم نريندي مودي سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد فتح جو جشن ملهائڻ تي ٽيم ممبئيءَ جو رخ ڪيو.
پنهنجي اسٽارز هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ لکين ماڻهو ممبئيءَ روڊن تي نڪري آيا.
ڀارتي ٽيم اين سي پي اي نريمن پوائنٽ کان ممبئي جا وانکيڙي اسٽيڊيم تائين تائين ريلي ( وڪٽري پريڊ ) ڪڍي.
ان موقعي تي ممبئي ايئرپورٽ کان وڪٽري پريڊ تائين سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.