وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل اجلاس ۾ اهم منظوريون ڏنيون ويون

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 42هون اجلاس شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري جي صدارت هيٺ گلشن اقبال ڪيمپس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد انچارج گلشن اقبال ڪيمپس ۽ رئيس ڪليه سائنس، قائم مقام رجسٽرار ڊاڪٽر ثمره ضمير، ڊاڪٽر شاهد اقبال انچارج عبدالحق ڪيمپس ۽ انچارج رئيس ڪليه فنون، پروفيسر ڊاڪٽر مسعود مشڪور رئيس ڪليه نظميات ڪاروبار، واپار ۽ معاشيات، پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق شعبه حيوانيات، پروفيسر ڊاڪٽر زرينه علي شعبه نباتيات، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي ويرسياني شعبه ڪيميا، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد خان شعبه ڪيميا، ڊاڪٽر ڪمال حيدر انچارج ڪليه تعليمات، ڊاڪٽر مهجبين شعبه فارماڪولوجي، ڊاڪٽر حافظ محمد ثاني انچارج ڪليه معارف اسلاميه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر شاهين عباس، ڊاڪٽر شعيب، ڊاڪٽر زيبا پروين، ڊاڪٽر گوهر علي مهر، ڊاڪٽر محمد صارم، ڊاڪٽر صائمه خليق، ڊاڪٽر فهميده تبسم، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه، ڊاڪٽر احتشام الحق، ڊاڪٽر محمد شيراز، ڊاڪٽر صبا بشير، ڊاڪٽر محمد زبير نيازي، ڊاڪٽر مريم سلطانه، ڊاڪٽر غزاله شاهين، ڊاڪٽر محمد عمران شهزاد، روشن علي، ڊاڪٽر غزاله ياسمين، غياث الدين احمد، ڊاڪٽر شبر رضا، ڊاڪٽر راشد تنوير شامل هئا.
اجلاس ۾ اسلام آباد ڪيمپس جي واپار شعبي جي بي ايس ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام، بي ايس (4 سال پروگرام)، بي ايس (3 سال)، بي ايس معاشيات ڊيٽا سائنس (4 سال پروگرام) جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جي منظوري ڏني وئي.
دفتر داخله جي 2025 لاءِ پيش ڪيل داخله پاليسي منظور ڪئي وئي. ايڇ اي سي جي پوسٽ گريجوئيٽ ۽ انڊر گريجوئيٽ پاليسي جي منظوري ڏني وئي.
يونيورسٽي جي گلشن اقبال ڪيمپس ۽ عبدالحق ڪيمپس ۾ مختلف شعبن جي منظوري ڏني وئي، ميرپورخاص ۾ نئون ڪيمپس کولڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، يونيورسٽي ۾ پروفيشنل ڊيولپمينٽ سينٽر جي قيام جي منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.