سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس ۾ هڪ ٻي اهڙي وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي، جيڪا واهپيدارن کي بلڪل پسند نه ايندي.
ايلون مسڪ جي پليٽفارم جي پوسٽس ۾ ري پوسٽ (ري ٽوئيٽ) ۽ رپلاءِ بٽڻ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ايڪس جي هڪ واهپيدار انهي نئين ڊيزائن بابت هو ۽ بعد ۾ ايلون مسڪ به انهي جي تصديق ڪئي.
ايلون مسڪ ٻڌايو ته بٽڻن بدران ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان سوائيٽ ڪرڻ سان لائيڪ ۽ رپلاءِ ڪرڻ ممڪن هوندو.
لائيڪ ۽ ٻيا بٽڻ ختم ڪرڻ بعد صرف ويو ڪائونٽ جو آپشن ئي پوسٽس ۾ نظر ايندو، هاڻي اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اهڙو ڪنهن محل تائين ٿي سگهي ٿو پر انهي تبديلي جي آزمائش ايڪس جي آءِ او ايس ايپ ۾ ڪئي پئي وڃي.
TwitterX ElonMusk Features