ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بجيٽ ۾ ٽيڪسن ۾ واڌ کانپوءِ في ڪلو اٽي جي اگهه ۾ 5 رپين کان 7 رپيا واڌ جو امڪان آهي.
فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عامر عبدالله جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي شين تي ود هولڊنگ ٽيڪسن جي لاڳو ٿيڻ سان ڪڻڪ وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي، اٽو 5 کان 7 رپيا مهانگو ٿي سگهي ٿو.
ميدو ۽ فائن اٽو به 7 رپيا مهانگو ٿي ويندو، 10 ڪلو اٽي واري ٿيلهي جي اگهه ۾ 106 رپيا ۽ فائن اٽي جي اگهن ۾ 460 رپيا في ٻوري واڌ جو امڪان آهي.
ان ڏس ۾ ڇنڇر تي لاهور ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت کان ڪڻڪ جي شين تي ٽيڪس واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هن چيو ته ٽيڪس واپس نه ورتو ويو ته فلور ملز بند ڪرڻ سميت هڙتال جو سڏ به ڏئي سگهجي ٿو.
You might also like