مڙس پاران عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفا واپس ڪرڻ جي درخواست تي عدالت جو اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته مڙس طرفان ملندڙ تحفن تي عليحدگي کانپوءِ به زال جو حق هوندو آهي، ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن، اهي تحفا زال جي ملڪيت بڻجي ويندا آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ شادي وقت يا عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفن جي واپسي بابت اپيل تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ته عليحدگي کان اڳ زال کي ڏنل تحفن واپس نٿا وٺي سگهجن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته مڙس طرفان ملندڙ تحفن تي عليحدگي کانپوءِ به زال جو حق هوندو آهي، ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن، اهي تحفا زال جي ملڪيت بڻجي ويندا آهن.
واضح رهي ته ماتحت عدالت 2015 ۾ فيملي ڪيس ۾ ڏاج جي سامان جي واپسي، عدت دوران زال جي خرچن ۽ پوءِ ٻارن جا خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف شهري اپيل ڪئي هئي.
اپيل ڪندڙ موقف اختيار ڪيو هو ته ماتحت عدالت ۾ ڏاج جي سامان جي فهرست نه ڏني وئي هئي، ماتحت عدالت جو فيصلو قانون موجب ناهي.
اپيل ڪندڙ ماتحت عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪندي مڙس طرفان ملندڙ تحفا زال جي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيا.

sindhhighcourt sindh karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.