ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) خضدار جي تعلقي باغبانه جي جبلن تي شهرين قيمتي کل حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ناياب بگهڙن کي ماري ڇڏيو.
بلوچستان ۾ شينهن کانپوءِ جهنگلي جيوت کي نقصان پهچائڻ جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو، جنهن جي وڊيو به ٺاهي وئي.
خضدار جي تعلقي باغبانه جي جبلن تي شهرين ٻن ناياب بگهڙن کي ماري ڇڏيو، بگهڙن کي قيمتي کل حاصل ڪرڻ لاءِ ماريو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيرا بگٽي جي علائقي سوئي ۾ به ناياب نسل جي شينهن کي غار ۾ گهڙي ماريو ويو هو ۽ ان جي وڊيو به ٺاهي وئي هئي.
You might also like