ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ميگا اسٽار سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ بشنوئي گروپ 25 لک رپين جو ڪانٽريڪٽ ڏنو هو.
اداڪار سلمان خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ ڪندڙ پوليس ٽيم گرفتار جوابدارن خلاف چارج شيٽ تيار ڪري ورتي، پوليس موجب لارنس بشنوئي گروپ آگسٽ 2023 کان اپريل 2024ع تائين سلمان خان جي قتل جو منصوبو جوڙيو ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته 60 کان 70 ماڻهن جي گروپ سلمان خان جي نگراني ڪئي، فارم هائوس ۽ فلم اسٽوڊيو جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ماڻهو موجود رهيا.
پوليس چارج شيٽ موجب بالي ووڊ اسٽار کي قتل ڪرڻ لاءِ 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين کي ڀرتي ڪيو ويو، اهي نوجوان سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ گينگسٽر گولڊي برار ۽ انمول بشنوئي جي حڪم جا منتظر هئا.ياد رهي ته هلندڙ سال 14 اپريل کي ٻن موٽرسائيڪل سوارن سلمان خان جي ممبئي واري رهائشگاهه تي فائرنگ ڪئي هئي، پوليس حملي آورن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي جنهن بعد ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو.
SalmanKhan India Showbiz