راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پاڪستاني چونڊن جي غيرجانبدارڻي جاچ بابت آمريڪي ٺهراءَ جي حوالي سان چيو آهي ته دنيا جي طاقتور اسرائيلي لابي به اڄ تائين اهڙو ٺهراءُ منظور ناهي ڪرائي سگهي.
اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته آءِ ايس آءِ جي ڪرنل ۽ ميجر جو اڊيالا جيل ۾ ڪهڙو ڪم آهي.
هن چيو ته آءِ ايس آءِ وٽ سول معاملن ۽ عدليا ۾ مداخلت جو ڪو اختيار ناهي، اڊيالا جيل جو سپرٽنڊنٽ رڳو آءِ ايس آءِ جي حڪمن تي هلي رهيو آهي .
هن چيو ته اليڪشن کي پنج مهينا گذري ويا آهن مون کي اڃا تائين اِها خبر ناهي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو، اليڪشن ۾ بي ظابطگين تي آمريڪي ڪانگريس ٺهراءَ منظور ڪيو، 85 سيڪڙو ڪانگريس ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
عمران خان چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۽ طاقتور اسرائيلي لابي آهي،اِها به اڄ تائين اهڙو ٺهراءُ منظور ناهي ڪرائي سگهي، ڪانگريس پوري تحقيق کانپوءِ اِهو ٺهراءُ منظور ڪيو، آمريڪن جون رپورٽون اينديون آهن جيڪي هو پاڻ گڏ ڪندا آهن.
هن چيو ته گڏيل قومن جو به مون بابت بيان آيو، جواب ۾ پاڪستاني حڪومت ڪانگريس جو ٺهراءَ جي مقابلي ۾ پنهنجو ٺهراءُ پيش ڪيو، حڪومت قرداد پيش ڪرڻ بدران ملڪ کي بچائڻ جو سوچي.
عمران خان چيو ته پل ڊاٽ ۽ فافن جون رپورٽس ۾ به ڌانڌلي جي تصديق ڪئي وئي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڌانڌلي کي ڪور ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو آهي، سڄو ملڪ چئي رهيو آهي ته فراڊ چونڊيون ڪرايون ويون، سموري دنيا اِهو ئي چئي رهي آهي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته رٽائرڊ ججن کي ٽربيونل ۾ مقرر ڪري مرضي جا فيصلا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جو ڪردار ڏسي، ڪنهن به جهموريت هڪ پارٽي جي سيٽ ٻئي نٿي ڏئي سگهجي، ائين ڪٿي ناهي ٿيندو.
هن زور ڏنو ته جيڪڏهن موجودا حڪومت رهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ غربت ۽ قرض ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، خرچ وڌي ويندا ۽ آمدني گهٽجي ويندي، ملڪ کي رڳو سمنڊ پار پاڪستانين جي سيڙپڪاري ئي بچائي سگهي ٿي ڇو ته انهن وٽ ڊالرز آهن، موجودا حالتن سبب پروفيشنل ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن.
فاروڊ بلاڪ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي ۾ اختلاف ڪو وڏو مسئلو ناهي عمر ايوب جي پارٽي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، پي ٽي آءِ ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ موجود ناهي، پي ٽي آءِ اهڙي پارٽي آهي جيڪا پنهنجي ووٽ جي طاقت تي ٺهي ۽ قائم ٿي، ملڪ ۾ پي ٽي آءِ کان مضبوط ٻي ڪنهن به جماعت جو وجود ناهي.
Prev Post
You might also like