ڀارت: راهول گانڌي پارليامينٽ ۾ تقرير دوران پاڻ سڳورن صه تي درود پڙهيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي لوڪ سڀا کي خطاب ڪندي نبي ڪريم صلعم تي درود پاڪ پڙهيو.
پاڻ سڳورن صلعم موڪليندي راهول گانڌي چيو ته سمورين عظيم هستين عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي، خوف ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ٻڌايوته ڌاڍي کان نه ڊڄڻ گهرجي.
پنهنجي خطاب ۾ راهول گانڌي چيو ته بي جي پي اڳواڻ نفرت، خوف ۽ تشدد پکيڙي رهيا آهن، بي جي پي جا ليڊر هندو هئڻ جي دعويٰ ته ڪري رهيا آهن گڏوگڏ نفرت کي به هوا ڏئي رهيا آهن.
راهول گانڌي جي بيان تي بي جي پي قيادت تپي باهه ٿي وئي ۽ وزيراعظم نريندر مودي چيو ته اپوزيشن ليڊر پوري هندو معاشري تي تشدد جو الزام لڳايو آهي.
ڀارتي وزيراعظم اپوزيشن ليڊر کان بيان تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ جواب ۾ راهول گانڌي چيو ته مودي ۽ آر ايس ايس پورو هندو سماج نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بي جي پي هر وقت خوف پکيڙي رهي آهي ۽ تشدد ۽ نفرت کي هٿي ڏئي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.