”حاضر سروس يا ريٽائرڊ فوجين، سرڪاري ملازمن کي ٽيڪس ڇوٽ ڇو؟“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حاضر سروس يا ريٽائرڊ فوجي ۽ سرڪاري ملازم پراپرٽي جي خريداري تي لاڳو ڪيل ٽيڪس کان آجا هوندا.

ن ليگ جي نائب صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته ان جو ڪوبه جواز نه آهي، بجيٽ ۾ کوڙ اهڙيون شيون آهن جن ۾ حڪومت پنهنجي لاءِ رستا ڪڍيا آهن، حڪومت وٽ ان جي وضاحت اها هئي ته جتي جتي خرچ گهٽجي پئي سگهيا اتي گهٽائڻا هئا، جيتوڻيڪ فوج ۽ سرڪاري ملازمن کي ٽيڪس ڇوٽ نه ڏيڻ سان نمبرن ۾ وڏي تبديلي نه ايندي پر حڪومت کي اهو ڏسڻو پوندو ته ڇا اسان برابر حصيدار آهيون؟

هن چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن کي ته ڇوٽ ڏئي سگهجي پئي پر پاڪستان جي سڀني رهواسين کي برابر رکڻ گهرجي.

خرم دستگير اهي ڳالهيون نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ سوال جو جواب ڏيندي چيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.